اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورش??د عالم ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن نائب وزيراعظم کي پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي خطري کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن بابت ٻڌايو ۽ هن سال باڪو ۾ ٿيندڙ ڪوپ 29 جي لاءِ پرڏيهي وز??رت کان تعاون طلب ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪوپ 29 جي عمل دوران موسمياتي تبديلي جي وز??رت جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو.