اسلام آباد-12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 25-2024ع لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پر??گرام (پي ايس ڊي پي) تحت هائر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي 141 جاري ۽ 20 نين اسڪيمن لاءِ 60 هزار ملين رپ??ا مختص ڪيا ويا آهن. پي ايس ڊي پي تحت بجيٽ دستاويز مطابق جاري اسڪيمن لاءِ تقريبن 41,871.792 ??لين رپيا ۽ نين اسڪيمن لاءِ 18,128.208 ملين رپ??ا مختص ڪيا ويا آهن. جاري اسڪيمن ۾ افغان شاگردن کي علامه محمد اقبال جي 3 هزار وظيفن لاءِ 900 ملين رپ??ا، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اسلام آباد جي اڪيڊمڪ بلاڪ جي تعمير لاءِ 450 ملين رپ??ا، باچا خان يونيورسٽي، چارسده جي ترقي ۽ نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز (نمز) جي ترقيءَ لاءِ 400 ملين رپ??ا، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي فيصل آباد جي ڪيمپس جي قيام لاءِ 400 ملين رپ??ا، ڪامياب جوان اسپورٽ اڪيڊميز (هاءِ پر??ارمنس اينڊ ريسورس سينٽرز) ۽ـ يوٿ اولپمپڪس- ايڇ اي سي جي قيام لاءِ 500 ملين رپ??ا، بلتستان اسڪردو يونيورسٽيءَ جي قيام لاءِ 500 ملين رپ??ا، فلبرائٽ اسڪالرشپ سپورٽ پر??گرام ايڇ اي سي- يو ايس ايڊ (فيز ٿري) لاءِ 759 ملين رپ??ا، ايم ايس ۽ پي ايڇ ڊي جي اوورسيز اسڪالرشپ لاءِ 3890 ملين رپ??ا، پاڪ- آمريڪا ناليج ڪوريڊور (فيز ون) تحت پي ايڇ ڊي اسڪالرشپ لاءِ 3 هزار ملين رپ??ا، انسٽيٽيوٽ آف اسپورٽس جي قيام لاءِ 100 ملين رپ??ا مختص ڪيا ويا آهن. ايڇ اي سي جي نين اسڪيمن لاءِ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم لاءِ 6000 ملين، جڏهن ته نظرثاني ٿيل پر??گرام لاءِ 10 هزار ملين رپ??ا، وزيراعظم يوٿ انٽرن شپ پر??گرام لاءِ 30 ملين رپ??ا، مينيوفيڪچرنگ ٽيڪنالاجي، آٽومشن ۽ انوويشن سينٽر جي قيام لاءِ 100 ملين رپ??ا مختص ڪيا ويا آهن.