آستانه – 21 – مئي (??ي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آستانه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي قازقستان جي پرڏيهي وزير مرات ابوگالي نورتيلو سان ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن ۽ ??لا??قائي رابطن جي منصوبن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. هن ايس سي او هيڊ آف اسٽيٽ ??ائونسل جي صدارت دوران قازقستان جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت کان آگاهه ڪيو. نائب وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي خطي جي خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ ??لا??قائي رابطن کي وڌائڻ تي زور ڏنو. ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ ق??زقستان لاڳاپن جي حقيقي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ مختلف اداراجاتي مڪينزم جي باقاعده اجلاس جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم واپار، ??لا??قائي رابطن ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ک?? مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.