اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??لس??ين ۾ نسل ڪشيءَ جي خلاف داخل ڪيس تي انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ان فيصلي تي ع??لدرآمد سان دنيا ۾ امن جي راهه هموار ٿيندي، پاڪستان مظلوم ??لس??ينين جي بنيادي انساني ۽ قانوني حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گڏيل قومن جي سلام??ي ڪائونسل ۽ عالمي برادري غزه ۾ اسرائيلي آپريشن روڪڻ جي عالمي عدالت جي فيصلي تي ??ور?? عمل ڪرائي، رفح ۾ آپريشن روڪڻ جي انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي تي ع??لدرآمد سان دنيا ۾ امن جي راهه هموار ٿيندي. هن چيو ته مظلوم انسانيت جي حق ۾ فيصلو ڏيندڙ 13 ججن ۽ پٽيشن داخل ڪرڻ تي ڏکڻ آفريقا کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي پٽيشن جي حمايت ڪئي هئي، اڳتي به سمورن ??لس??ينين جو ڪيس وڙهندا رهنداسين. وزيراعظم چيو ته عدالتي فيصلي موجب گڏيل قومن جي جاچ ڪميشن کي غزه ۽ رفح ۾ ??ور?? پهچ ڏني وڃي، فيصلو مظلوم انسانن جي فتح آهي، فيصلي تي ع??لدرآمد ڪرايو وڃي. هن چيو ته رستا کولڻ، غذائي ۽ طبي امداد جي ??ور?? فراهمي جي فيصلي تي ع??لدرآمد ڪرايو وڃي ته جيئن مظلوم انسانن کي ريليف ملي سگهي، پاڪستان مظلوم ??لس??ينين جي بنيادي انساني ۽ قانوني حقن جي تحفظج ي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.