اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪاب??نا بلوچستان ۾ منشيات جي خاتمي جا ڪيس اڪلائڻ جي لاءِ مڪران ڊويزن ۾ اضافي خصوصي عدالت قائم ڪرڻ ۽ افغان پناهگيرن جي پروف آف رجسٽريشن ڪارڊز جي مدي ۾ 30 ڏينهن 2024ع تائين توسيع ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اهي ڪارڊ هولڊر پاڪستان ۾ اسڪولن، بئنڪ اڪائ??نٽ?? ۽ ٻين سهولتن جو فائدو کڻي سگهندا جڏهن ته ڪاب??نا پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ شفافيت جي عنصر کي تمام گهڻي اهميت ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪاب??نا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪاب??نا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي بلوچستان صوبي ۾ منشيات جي خاتمي جا ڪيس اڪلائڻ جي لاءِ مڪران ڊويزن ۾ هڪ اضافي خصوصي عدالت قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان خصوصي عدالت جو دائره اختيار ضلعي پنجگور، ڪيچ، گوادر، حب ۽ لسٻيلا تائين هوندو. ڪاب??نا هدايت ڪئي ته خصوصي عدالت ۾ سٺي شهرت جا ججز مقرر ڪيا وڃن ۽ پراسيڪيوشن جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. وفاقي ڪاب??نا سيفران جي سفارش تي افغان پناهگيرن جي پروف آف رجسٽريشنز (پي او آر) ڪارڊز جي مدي ۾ پهرين اپريل 2024ع کان 30 جون 2024ع تائين توسيع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪاب??نا کي ٻڌايو ويو ته ان توسيع سان پي او آر ڪارڊ هولڊرز پاڪستان ۾ اسڪولن، بئنڪ اڪائ??نٽ?? ۽ ٻين سهولتن جو فائدو کڻي سگهندا، انهن پي او آر ڪارڊ هولڊرز کي غيرقانوني طور تي پاڪستان ۾ رهندڙ غيرملڪي رهواسين کي وطن واپس ڪرڻ جي پروگرام جي ٽئ??ن مرحلي ۾ پنهنجي وطن واپس موڪليو ويندو جڏهن ته بنا ڪنهن سڃاڻپ ڪاغذن جي پاڪستان ۾ رهندڙ غيرملڪي رهواسين کي وطن واپس موڪلڻ جو پهريون مرحلو جاري آهي. نجڪاري واري وفاقي سيڪريٽري ڪاب??نا کي پي آءِ اي جي نجڪاري عمل تي تازي اڳڀرائي جي حوال?? سان آگاهه ڪيو. ڪاب??نا کي ٻڌايو ويو ته ان حوال?? سان 2 اپريل تي قومي اخبارن ۾ اظهار دلچسپي جا اشتهار شايع ٿي چڪا آهن جن جي آخري تاريخ 3 مئي آهي ۽ هيستائين ڪيترين ئي ڪمپنين پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. ڪاب??نا پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ شفافيت جي عنصر کي تمام گهڻي اهميت ڏيڻ جي هدايت ڪئي. ايوي ايشن جي سيڪريٽري ڪاب??نا کي پاڪستان جي هوائي اڏن خاص طور تي لاهور ۽ ڪراچي ۾ سهولتن جي بهتري جي تازي قدمن تي بريفنگ ڏني. ڪاب??نا کي ٻڌايو ويو ته هوائي اڏن تي سروس ڪائ??نٽ??ز ۾ اضافو ڪيو ويو آهي ۽ سهولتن جي وڌيڪ بهتري تي ڪم جاري آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته زراعت جي شعبي ۾ ڊرون ٽيڪنالاجي جي استعمال لاءِ سمورين ڌرين سان ڊرون پاليسي جي حوال?? سان مشاورت حتمي مرحلي ۾ آهي ۽ جلد ڪاب??نا کي منظوري جي لاءِ پيش ڪئي ويندي. وفاقي ڪاب??نا انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ اينڊ مئنيجمينٽ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان (آءِ سي ايم اي پي) جي بورڊ جي چار ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪاب??نا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪاب??نا ڪميٽي جي 18 اپريل 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪري ڇڏي.