اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته ڀارتي قابض عملدار پنهنجي غيرقانوني طور ت?? قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ دريافت ٿيندڙ ليٿيم جي زخيرن جي ڪجهه بلاڪس کي نيلام ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا آهن، اهي خدشا آهن ته والاريل علائقي کان ??اهر جي ڪارپوريشنن کي ڪشميري عوام جي ان ??يمتي وسيلن مان ??ائدو کڻڻ جا ٺيڪا ڏنا ويندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??متاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته قابض عملدارن پاران ڪشميرين کي انهن جي قدرتي وسيلن جي حق کان ??حروم ڪرڻ جا قدم قانوني ۽ استحصالي آهن. ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور ت?? قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي ان جي قدرتي وسيلن کان ??حروم نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته ڪشمير جي ماڻهن جو پنهنجي وطن جي دولت تي سڀ کان ??ڌيڪ حق آهي جنهن ۾ ليٿيم جهڙي قيمتي ڌات به شامل آهي. ترجمان چيو ته اسان ڀارت کان ??طالبو ڪريون ٿا ته هو اهڙي طرح جي استحصالي منصوبن کي رد ڪري ۽ پنهنجي زمين ۽ قدرتي وسيلن تي ڪشميرين جي حق جو احترام ڪري. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.