اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چائنيز سيڙپڪاري منصوبن جي لاءِ منصوبابندي، ترقي ۽ سڌ??رن واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ وفاقي ڪابينا جي 9 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم چائنيز انويسٽمينٽ پراجيڪٽس بابت ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ان ڪميٽي جو سربراهه منصوبابندي، ترقي ۽ سڌ??رن وارو وفاقي وزي?? هوندو جڏهن ته ميمبرن ۾ پرڏيهي وزير، گهرو وزير، ناڻي وارو وزير، واپار وارو وزير، پيٽروليم وارو وزير، توانائي وارو وزير، ريلوي وارو وزير ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزي?? هوندا. ان ڪميٽي جي ذميوارين ۾ سي پيڪ منصوبن ۾ چيني ڪمپنين جي ذريعي ٿيندڙ سيڙپڪاري جي منصوبن جي اڳڀرائي جي نگراني ڪرڻ، مختلف سرڪاري اد??رن سان چيني سيڙپڪ??رن کي درپيش مسئلن جو تيزي سان حل ڪڍڻ، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي اڳئين مرحلي جي طو?? تي پاڪستان جي معيشت ??ي پيداواري شعبن ۾ چيني سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ، اهڙو سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جنهن ۾ چيني سيڙپڪاري کي بهترين نتيجا حاصل ٿين، چيني ورڪرز/ رهواسين جي سيڪيورٽي جي لاءِ کنيل قدمن جو جائزو وٺڻ ۽ نامزد چيني اد??رن سان ٻيهر لاڳاپا قائم ڪري سي پيڪ جي سست رفتار سان هلندڙ منصوبن کي ٻيهر فعال ڪرڻ شامل آهي.