اسلام آباد – 01 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته سني اتحاد ڪونسل ج?? مخصوص سيٽن جي حوالي سان معاملو اليڪشن ڪميشن وٽ آهي ان ڪري هو اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جو انتظار ڪن هتي هر ميمبر جو ??ار?? 45 ۽ ??ار?? 47 چيڪ نٿو ڪري سگهجي، اسان وٽ اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن کان علاوه ٻيو ڪو ذريعو ناهي. قومي اسيمبلي جو اج??اس شروع ٿيڻ تي سني اتحاد ڪونسل ايوان ۾ هنگامه آرائي ڪ??ي. عمر ايوب خان جي اعتراض واري نقطي تي اسپيڪر رولنگ ڏيندي چيو ته انهن سمورن ميمبرن جن جو قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان اليڪشن ڪميشن نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي اهي ان ايوان جا معزز ميمبر آهن. عمر ايوب خان چيو ته اهو ايوان مڪمل نا??ي. ??سان گذريل ڏينهن پڻ ڳالهه ڪئي هئي ته اسپيڪر ان حوالي سان رولنگ ڏي. چونڊ عمل اسانجي عورت ميمبرن جي عدم موجودگي ۾ قانون خلاف آ??ي. ??سان انصاف ۽ قانون جي بالادستي چاهيون ٿا. بيرسٽر گوهر علي خان اعتراض واري نقطي تي چيو ته آئين جو آرٽيڪل 51 تقضا ڪري ٿو ته ايوان مڪمل هجڻ گهرجي، اسپيڪر ان حوالي سان رولنگ ڏي. جمهوريت ۾ هر ووٽ جي اهميت هوندي آ??ي. ??سپيڪر چيو ته اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن کان علاوه اسيمبلي سيڪريٽريٽ وٽ ڪو ٻيو ذريعو نا??ي. ??ليڪشن ڪميشن خودمختيار ادارو آ??ي. ??سان ميمبرن جا ??ار?? 45 چيڪ نٿا ڪري سگهون. بيرسٽر گوهر علي خان چيو ته اسان اسپيڪر سان ??ار?? 47 ۽ ??ار?? 45 جي ڳالهه ناهي ڪ??ي. اسان رڳو پنهنجي مخوصوص سيٽن جي حوالي سان اسپيڪر جي رولنگ چاهيون ٿا. راڻا تنوير حسين چيو ته 2018 جو اليڪشن بدترين ڌانڌلي وارو اليڪشن هو. ان وقت مسلم ليگ (ن) جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو سني اتحاد ڪونسل ته پنهنجي پارٽي جي فورم تان اليڪشن ناهي وڙ??ي. ??نهن کي گهرجي ته اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪن. اسپيڪر رولنگ ڏني ته مخصوص سيٽن جي حوالي سان سني اتحاد ڪونسل اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪيو آهي، هو اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جو انتظار ڪن، ان سلسلي ۾ اصل فورم اليڪشن ڪميشن ئي آهي.