ڪراچي – 19 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته فلورل آرٽ رڳو هڪ مشغلو نه آهي پر اهو ٿراپي جو هڪ قسم آهي جيڪو اسان جي مجموعي ذهني صحت جي لاءِ فائديمند آهي. اها ڳالهه هن مسقط عمان ۾ منعقد پاڪستان بابت بلوم عمان ۾ انعام کٽيندڙ فلورل آرٽ سوسائٽي آف پاڪستان (ايف اي ايس پي) جي ميمبرن ۾ ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي خاتون اول چيو ته باغباني ۽ گلن جي پو??يءَ ذهني دٻاءُ، پريشاني ۽ ڊپريشن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڏي ٿي. هن چيو ته اسان اها اسان جي گڏيل ذميواري آهي ته اسان نه رڳو ??نه??جي ماحول کي صاف ڪريون پر اهڙين سرگرمين کي پڻ فروغ ڏيون جيڪي اسان جي ذهني صحت تي مثبت اثر ڇڏين ٿا. هن چيو ته فلورل آرٽ جون تقريبون باقاعد??ي سان منعقد ڪري اسان نه رڳو ??نه??جي ڀرپاسي جي ماحول کي خوبصورت بڻائي سگهون ٿا پر ??نه??جي نوجوان نسل کي به اهڙين صحتمند سرگرمين ۾ شامل ٿيڻ جي ترغيب ڏئي سگهون ٿا. هن چيو ته فلورل آرٽ ۽ ٻوٽن جي ثقافت نه رڳو اسان جي عوامي جاين کي خوبصورت بڻائي ٿي پر اسان جي زندگين ۾ رنگ ڀري ٿي. ثمينه عارف علوي بلوم عمان مقابلي ۾ پاڪستان جي لاءِ 11 انعام کٽڻ تي ايف اي ايس پي کي مبارڪباد ڏني. هن تقريب جي شرڪت تي ڪندڙن تي زور ڏنو ته اهي عورتن ۾ ??ات??ءَ جي ڪينسر جي جلد سُڃاڻپ جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ ??نه??جو ڪردار ادا ڪن. ثمينه عارف علوي چيو ته گذريل 5 سالن دوران ??ات??ءَ جي ڪينسر جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪرڻ جا مثبت نتيجا نڪتا آهن ۽ ??ات??ءَ جي ڪينسر سان ٿيندڙ موت جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. هن شرڪت ڪندڙن تي زور ڏنو ته اهي معذور ماڻهن جي حقن ۽ ذهني صحت بابت شعور اجاگر ڪن. ان موقعي تي خاتون اول بلوم عمان ۾ پاڪستان جي لاءِ انعام کٽيندڙ ايف اي ايس پي جي ميمبرن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا.