مظفر آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪشميرين جي انهن جي خودمختياري جي ح?? لاءِ جدوجهد کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ح??ايت جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي ??يو آهي ته ??ارت گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خواهشن جي ابتڙ ڪو حتمي ح?? مڙهي نه ٿو سگهي، ڪشمير ۾ ڀارت جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي اهو ڪنهن انساني الميي کان گهٽ نه آهي، انساني ح??ن جي خلاف ورزين ۽ رتوڇاڻ تي ڀارت کي جوابده بڻائڻ گهرجي ۽ عالمي برادري کي ان ڏاڍ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪ??مير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي ??يو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته هر سال 5 فيبروري تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙو ملهائين ٿا اهو ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار جو ڏينهن آهي. هر سال اسان ڄمون ۽ ڪشمير جي ڀائرن سان جابراڻي غيرملڪي قبضي جي خلاف انهن جي خودمختياري جي ح?? لاءِ جائز جدوجهد ۾ گڏ بيٺل هجڻ جو وچن ڪ??يون ٿا. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو. ڪشمير کانسواءِ پاڪستان نامڪمل آهي. پاڪستاني ۽ ڪشميري مضبوط رشتن ۾ ٻڌل آهن، اسان جي خوشي ۽ ڏک جا تهوار هڪ آهن. ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي ان کان جدا نه ٿو رهي سگهي. اسان ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي اهم ڌر آهيون. هن چيو ته ??ارت ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خواهشن جي ابتڙ ڪو حتمي ح?? مڙهي نه ٿو سگهي. ڪشمير ڪاز جي لاءِ اسان جو عزم پختو آهي. هن چيو ته ??شمير تڪرار پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۾ سدائين شامل رهيو آهي جيڪو هڪ اڻٿڪ اتفاق راءِ جي عڪاسي ڪري ٿو. اسان جي معاشري جا سمورا طبقا ۽ قومي ادارا ڪشميرين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن ۽ پوري دنيا ۾ ڪشميرين جي لاءِ آواز بلند ڪري رهيا آهن اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير تڪرار جي ح?? لاءِ پنهنجي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي ح??ايت جاري رکنداسين. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت لاڳاپيل عالمي فورمز تي سدائين ڪ??ميرين جي ح??ايت ڪئي آهي. هن چيو ته ??مون ۽ ڪشمير جي هزارين مردن، عورتن ۽ ٻارن جي قربانين کي ياد ڪري رهيا آهيون جن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. ڪشميرين خودمختياري جي ح?? جي لاءِ وڏي قيمت ادا ڪئي. ڀارتي ڏاڍ جي خلاف ڪشميري رتورت ٿي ويا پر جُهڪيا نه. هن چيو ته مسلمان اڪثريتي رياست هجڻ جي ناطي ڪشمير کي پاڪستان جو حصو هجڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿي سگهيو. هن چيو ته ??شميري عوام جي امنگن کي دوکيبازي ۽ سازشن جي ذريعي پائمال ڪيو ويو. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ??شميري عوام جا زخم اڄ به تازا آهن. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير وڏين قربانين ۽ جدوجهد سان آزاد ٿيو. 1947ع ۾ خطي ۾ قتل عام جون يادون اسان جي ذهنن مان مٽجي نه سگهيون. ڪشميرين کي پاڪستان جي بي پناهه حمايت جو يقين ڏيارڻ انهن جي ح??ن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. انهن جي ترقي ۽ خوشحالي جي جدوجهد ۾ انهن جي مدد ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. هن چيو ته ??ارت پاڻ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن ۾ کڻي ويو ۽ خطي جي تڪراري ح??ثيت کي تسليم ڪندي ??ڏيل قومن فيصلو ڪيو ته ??شمير تڪرار جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سرپرستي هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي جمهوري طريقي سان ڪيو ويندو جڏهن ته اڃا تائين ڪ??ميرين کي پنهنجو حق استعمال ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو. ڀارت کي ريفرنڊم جي ح??الي سان پاڪستان ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪشميري عوام سان پنهنجي پختي واعدن تي عمل ڪرڻ گهرجي. ان کانسواءِ ڀارت جي جمهوري هجڻ جي دعويٰ کوکلي آهي. هن چيو ته موجوده ڀارتي قيادت ڪشمير تي ڀارتي قبضي کي برقرار رکڻ جي لاءِ روايتي ڏاڍ جاري رکيو آهي. ڀارتي قيادت معصوم ڪشميرين جي خلاف پنهنجي جانبداراڻي قدمن جي لاءِ هر قسم جا حربا استعمال ڪري رهي آهي. بي جي پي ۽ آر ايس ايس جو اهو اتحاد بنا ڪنهن سبب جي ڪشميرين کي تشدد جو نشانو بڻائي رهيو آهي. هندوتوا جي زهريلي نظريي ڪشميرين تي ايترو ظلم ڪيو آهي جيترو اڳ ۾ ڪڏهن به ناهي ٿيو. هن چيو ته ??ارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کليل جيل وانگر بڻيل آهي. هن چيو ته ??شميري خوف ۽ هراس جي ماحول ۾ زندهه رهي رهيا آهن، ميڊيا تي پابنديون آهن، ڪارڪن جيلن ۾ بند آهن، انهن جون زمينون ضبط ڪيون پيون وڃن، هراستون، تشدد ۽ عدالت کان مٿانهون قتل ٿي رهيا آهن. آزادي پسند ڪشميرين جون ملڪيتون هڙپ ڪيون پيون وڃن. گذريل 45 سالن ۾ 96 هزار کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن، هزارين عورتن کي هراسان ڪيو ويو آهي. هن چيو ته انهن سمورن ظلمن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. عالمي برادري کي انهن زيادتين ۾ ملوث ماڻهن جو گهيراءُ ڪرڻ گهرجي. فلسطين جي تازن واقعن کانپوءِ دنيا جي امن پسند ماڻهن جو ضمير زندهه ٿي ويو آهي. دنيا کي ياد ڪرايون ٿا ته ??شمير ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ڪنهن انساني الميي کان گهٽ نه آهي، ڏهاڪن جي ڀارتي ڏاڍ جا ثبوت موجود آهن. عالمي برادري کي بيدار ٿيڻ گهرجي ۽ ان ڏاڍ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. والاريل ڪشمير ۾ انساني ح??ن جي انهن خلاف ورزين ۽ رتوڇاڻ تي ڀارت کي جوابده بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته ??ارت ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي ناجائز قبضي کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ مختلف حربا آزمايا آهن. 5 آگسٽ 2019ع کان ڪ??ميرين کي پنهنجي سرزمين تان بي گهر ڪرڻ جي لاءِ مهم زورن تي آهي. ان ڏينهن ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي ح??ثيت ختم ڪري ڇڏي. ان کانپوءِ ڀارتي ۽ سياسي نقطن کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا، انهن ۾ چونڊ تڪن ۾ ووٽرز فهرستن ۾ غيرڪشميرين کي شامل ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ ڪشمير کان ٻاهر جي ماڻهن کي ڊوميسائيل، ملڪيت ۽ ملڪيت بابت نوان قانون شامل آهن. اهي ڪارروايون عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهن جن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن، گڏيل قومن جي چارٽر، انساني ح??ن ۽ جنيوا ڪنوينشن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته ??ارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ح??ثيت بابت ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو ڪشميري عوام جي خودمختياري جي ح?? کان انڪار طرف تازو قدم آهي اهڙن فيصلن جي ذريعي ڪشميري عوام جي امنگن کي مجروح نه ٿو ڪري سگهجي ۽ ان جو ڪو به جواز نه آهي. هن چيو ته ??شميرين ان فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو. ڪشمير تڪرار جي ح??ثيت کي سدائين عالمي قانون جي ڏس ۾ ٻڌايو ويو آهي. عالمي قانون تحت ڪنهن به عمل کي جيڪو ڀارتي قانون جي ماتحت آهي، ڄمون ۽ ڪشمير کي حتمي ح??ثيت جو تعين ڪ??ڻ جي لاءِ استعمال نه ٿو ڪري سگهجي جيڪو عالمي سطح تي هڪ مڃيل تڪراري علائقو آهي. ملڪي قانونسازي ۽ فيصلا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن سان عملدرآمد بابت ڀارت کي پنهنجي ذميوارين کان آجو نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته ??ذريل ڪيترن ئي سالن کان ڀارت جعلي بيانيو پيش ڪري رهيو آهي. ڪشميرين جي مقامي آزادي جي جدوجهد کي دهشتگردي جو غلط ليبل هڻي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڪشميري پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ بهادري سان بيٺل آهن. نگران وزيراعظم چيو ته دهشتگردي ۽ آزادي جي جدوجهد ۾ واضح فرق آهي. دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي، رياست پاران ان جو ارتڪاب خوفناڪ هوندو آهي. ڀارت والاريل واديءَ ۾ رياستي دهشتگردي ۾ ملوث آهي. ڪشمير ۾ واحد دهشتگرد ڀارت آهي. هن چيو ته اسان پرامن گڏيل بقاءَ تي يقين رکون ٿا. اسان تڪرار نه ٿا چاهيون، اسان وٽ حملي جي ڪرڻ جي صورت ۾ زبردست ۽ موثر طريقي سان جواب ڏيڻ جي قوت ۽ صلاحيت موجود آهي. ڀارت ان حوالي سان اسان کي ڪيترائي ڀيرا آزمائي چڪو آهي ۽ جيڪڏهن ٻيهر ڪا خواهش آهي ته اسان ان جي لاءِ به تيار آهيون. هن چيو ته ??ارت کي ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏيڻ گهرجي ان کي والاريل ڪشمير ۾ بنيادي ح??ن ۽ آزادين کي بحال ڪرڻ گهرجي، انساني ح??ن جي خلاف ورزين کي روڪڻ گهرجي، سخت هنگامي قانون کي رد ڪيو وڃي. ڪشميري شهرن، ڳوٺن مان فوج ڪڍڻ گهرجي. آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي رد ڪرڻ گهرجي، پرامن ميڙ ۽ اظهار راءِ جي آزادي ??يڻ گهرجي. زميني صورتحال جو مشاهدو ڪرڻ جي لاءِ آزاد مبصرن ۽ انساني ح??ن جي نمائندن کي اجازت ڏيڻ گهرجي. سڀ کان وڌيڪ ان کي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي نگراني هيٺ ريفرنڊم جو حق ڏيڻ گهرجي. پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته دنيا آڏو ڀارت جو چهرو بي نقاب ڪنداسين. سفارتي مهم زور شور سان جاري رهندي. ڪشميرين جي خودمختياري جي ح?? حاصل ڪرڻ تائين سک سان نه ويهنداسين.