اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نئين عزم ۽ دفاعي صلاحيت سان گڏ خبردار ڪي?? آهي ته جيڪڏهن ڀارت اڳتي لوڪ سڀا چونڊن کان اڳ 2019ع جهڙي جارحيت جو سهارو ورتو ته پاڪستان ان جو ڀرپور جواب ڏيندو، عام چونڊن دوران اميدوارن ۽ سياسي پارٽين جي شڪاي??ن جي ازالي جي لاءِ اليڪشن ڪميشن ۽ عدليه جا لاڳاپال فورم موج??د آهن، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ذريعي دوست ملڪن سان غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ ڊيجيٽل چينل سان پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي ڪي??. هن نئين عزم ۽ دفاعي صلاحيت سان گڏ خبردار ڪي?? آهي ته جيڪڏهن ڀارت اڳتي لوڪ سڀا چونڊن کان اڳ 2019ع جهڙي جارحيت جو سهارو ورتو ته پاڪستان ان جو ڀرپور جواب ڏيندو، پاڪستان بلڪل ائين ئي ڪندو جيئن هن 2019ع ۾ ڪي?? هو، اسان انهن جي جهازن ڪيرائينداسين. هن چيو ته پاڪستان جي ردعمل بابت ڪنهن کي غلط فهمي نه هجڻ گهرجي ڇو ته اسان وٽ پنهنجي ماڻهن جي حفاظت جي لاءِ هڪ مڪمل دفاعي نظام موج??د آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪشمير تڪرار جي حل تائين تڪرار جو امڪان موجود رهندو ۽ ڪا به شيءَ ڪنهن به قسم جي جواب کي متحرڪ ڪري سگهي ٿي. ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊن بابت هن چيو ته دهش??گر??ي جو خطرو خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ موج??د آهي. هن ڪنهن به خطري جو جواب ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪي??. تازو ئي سينيٽ جون چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت قرارداد بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون کي ان جُون ڪي به قانوني رنڊڪُون نظر نه ٿيُون اچن ڇو ته سينيٽ جي قرارداد لازمي نه آهي، حڪومت ايوان ۾ قرارداد جي مخالفت ڪئي آهي جڏهن ته ضرورت موجب هو ان معاملي تي رپورٽ پيش ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن سيڪيورٽي صورتحال کي ڏسندي مخصوص ڌرين ۾ چونڊن بابت فيصلو ڪرڻ جو صحيح فورم آهي. ڪجهه اميدوارن ۽ سياسي پارٽين جي شڪايتن ۽ خدشن بابت نگران وزيراعظم چيو ته اي سي پي ۽ عدليه جا لاڳاپيل فورم ان صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موج??د آهن. بلوچستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيراعظم مختلف ڪالعدم عسڪريت پسند گروپن جي ڪردار جو ذڪر ڪي?? جن کي پاڪستان کان ٻاهر به دهش??گر?? سمجهيو وڃي ٿو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ تازي دهش??گر??ي جا واقعا ٿيا آهن، افغان طالبان سان رابطا جاري آهن ۽ ٻئي طرف ڪجهه روين ۾ تبديليون ڏٺيون ويون آهن. نگران وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪي?? ته اٽڪل 90000 جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان جو دهش??گر??ي جي خلاف جنگ جو عزم غيرملڪي حمايت کانسواءِ اٽل آهي. غيرقانوني غيرملڪي شهرين جي وطن واپسي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان فيصلي جي پاڪستانين جي اڪثريت وڏي پئماني تي حمايت ڪئي آهي ڇو ته غيردستاويزي غيرملڪين کي رهڻ ??و ڪو حق نه آهي. اقتصادي محاذ تي حڪومت جي ڪاميابين تي روشني وجهندي هن ايف بي آر ۾ سڌارن، قابل ذڪر ٽيڪس قابل وصول هدف حاصل ڪرڻ ۽ حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي جو ذڪر ڪي??. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت گڏيل عرب امارات، ڪويت، قطر ۽ سعودي عرب سميت ڪيترن ئي ملڪن سان غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي آهي. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي غيرملڪي ۽ ملڪي سيڙپڪارن کي موقعن فائدو کڻڻ ۽ زراعت، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي، انساني وسيلن جي تربيت، توانائي ۽ رس??ن جي بنيادي ڍانچي جي اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏني آهي.