اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي نامزد سفير کي چين سان اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ??ڻا??ڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته چين پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ پاڪستان ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري جو اهم ذريعو آهي، گذريل هڪ ڏهاڪي ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏني آهي، سي پيڪ سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ??اڪ??ر عارف علوي چين جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير خليل الرحمان هاشمي سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. صدر ??اڪ??ر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ چين جا ٻطرفا لاڳاپا منفرد اهميت رکندڙ ??هن، چين پاڪستان جو ڀائر، مستقبل اسٽريٽجڪ تعاون پا??ٽنر آهي. هن چيو ته سي پيڪ ملڪ ۾ رستن جو ڄار وڇائڻ، اسٽريٽجڪ اهميت جي بنيادي ڍانچي جي منصوبن کي تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، چين سان ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا مضبوط دوستي جي لاءِ اهم آهي. صدر نامزد سفير کي چين سان اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ??ڻا??ڻ جي هدايت ئي. صدر نامزد سفير کي چين ۾ بطور پاڪستاني سفير مقرر تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته چين سان اسٽريٽجڪ حصيداري وڌيڪ بهتر ٿيندي.