اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پا??ست??ن جي ترقي ۾ بوهره برادري جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته پا??ست??ن جي حڪومت ۽ عوام بوهره برادري جي خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. نگران وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار دائودي بوهره برادري جي روحاني پيشوا ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين جي قيادت ۾ بوهره برادري جي 8 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگران وزيراعظم جو بين المذاهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ پا??ست??نين بابت خصوصي نمائند?? مولانا طاهر اشرف پڻ شريڪ هو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين جي پا??ست??ن جي دوري جي آجيان ڪندي بوهره برادري جي پا??ست??ن جي ترقي ۾ ڪردار کي ساراهيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين جي تعليمات ۾ ماحولياتي آلودگي گهٽ ڪرڻ ۽ صفائي سٿرائي جي موضوعن تي خاص ڌيان کي پڻ ساراهيو. نگران وزيراعظم چيو ته پا??ست??ني حڪومت ۽ عوام بوهره برادري جي پا??ست??ن جي لاءِ خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊاڪٽر مفضل سيف الدين کي سندس پا??ست??ن جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ مليل نشان پا??ست??ن تي کيس مبارڪباد ڏني. بوهره برادري جي وفد نگران وزيراعظم کي عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي جي اسرندڙ ملڪن جي لاءِ هاڃيڪار اثرن کي اجاگر ڪرڻ جي قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو. نگران وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته موسمياتي تبديلي جي هاڃيڪار اثرن کان پو??ي عالم جي انسانيت کي خطرو لاڳو آهي، مذهبي پيشوائن کي پنهنجي تعليمات ۾ ا?? اهم موضوع تي تسلسل سان ڳالهه ڪرڻ گهرجي. وفد نگران وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت جي بين المذاهب هم آهنگي جي قدمن کي پڻ ساراهيو. نگران وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن ۾ هر مذهب ۽ رنگ ۽ نسل جا ماڻه?? موجود آهن ۽ انهن کي برابري جا حق حاصل آهن، بوهره برادري پا??ست??ن قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين ملڪ جي هر شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون. نگران وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته بوهره برادري اڳتي به پا??ست??ن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ائين ئي اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي.