رياض – 10 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي رياض پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب ڪنگ خالد ايئرپورٽ تي رياض جي نائب گورنر شهزاده محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز، سعودي عرب ۾ پاڪست??ن جي سفير احمد فاروق ۽ اعليٰ سعودي عملدارن ۽ پاڪستاني سفارتي عملي استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم اسلامي تعاون ??نظيم جي فلسطين جي تازي صورتحال تي منعقد هنگامي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.