اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي نومبر ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن ??ي گهرڀاتين سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي غريوم، اتر وزيرستان ۾ 20 نومبر تي شهيد ٿيندڙ ??پاهي شاهزيب جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. صدر جي 12 نومبر تي مير علي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ ??پاهي محمد سهيل جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. صدر جي پسني، بلوچستان ۾ 3 نومبر تي شهيد ٿيندڙ لانس حولدار باسط عمران جي پونئيرن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. صدر شهيدن جي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي ان??ن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، شهيدن ۽ ان??ن جي خاندانن جي ايثار جي جذبي تي ان??ن کي سلام پيش ڪيو. صدر قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي. صدر پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار، صبر جميل جي دعا ڪئي.