اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر يوڪرين جي تڪرار جي ڳالهين واري حل ج?? ??رو??ت تي زور ڏيندي اها ڳالهه واضح ڪئي آهي ته هن نه ته يوڪرين کي هٿيار فراهم ڪيا آهن ۽ نه ئي ان جو اهڙو ڪو ارادو ??هي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ يوڪرين جي تڪرار جي ڳالهين واري حل ج?? ??رو??ت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاليسي جي لحاظ کان پاڪستان تڪرارن جي شڪار خطي کي هٿيار فراهم ناهي ڪندو. ترجمان چيو ته هن نه ته يوڪرين کي هٿيار فراهم ڪيا آهن ۽ نه ئي ان جو ارادو ??هي. هن چيو ته ان لاءِ پاڪستان ۽ يوڪرين جي دفاع وارن وزيرن جي وچ ۾ ان موضوع تي 7 نومبر تي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ڳالهه نه ڪئي ??ئي.