اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر جي جنازي نماز چڪلالا گيريزن ?? ادا ڪئي وئي، کيس مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس جنازي نماز ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، دفاع واري وزير، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ وڏي انگ ۾ سول ۽ فوجي آفيسرن، فوجي جوانن، شهرين ۽ شهيد جي مائٽن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سندس عمر 42 سال هئي ۽ هو ڊي ايڇ اي ٽو اسلام آباد ۾ رهندو هو?? هو ??يب??پختونخواهه جي علائقي واديءَ تيراهه ۾ شهيد ٿيو. لڪي مروت سان تعلق رکندڙ 31 سالا نائيڪ خوشدل خان، چارسده سان تعلق رکندڙ 27 سالا نائيڪ رفيق خان ۽ مريءَ سان تعلق رکندڙ 33 سالا لانس نائيڪ عبدالقادر جي جنازي نماز پڻ سندن اباڻي علائقن ?? ادا ڪئي وئي. پاڪستان جي هٿياربند فوج ملڪ م??ن دهشتگردي جي هر قيمت تي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.