اسلام آباد-02 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ رهندڙ پا??ستانين هميشه ملڪي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ملڪ جي ترقيءَ ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پا??ستانين وطن جي نمائندگي بنائڻ پ پ جو اصولي مؤقف آهي. اهڙو اظهار هن لنڊن جي علائقي هو??سلو جي ميئر ڪونسلر افضل ڪياني جي اڳواڻيءَ ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پا??ستانين جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. راجا پرويز اشرف سڄي دنيا ۾ پا??ستان جي بهتر سُڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پا??ستانين کي ملڪ جي بهتر سڃاڻپ اجاگر ڪرڻ جي اهم ذميداري لاڳو ٿئي ٿي. هن چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پا??ستاني ملڪي معيشت کي بهترين سهارو ڏئي رهيا آهن. هن پرڏيهه ۾ رهندڙ پا??ستانين کي ملڪ جي سماجي، اقتصادي شعبي سميت هر شعبي ۾ مثبت ۽ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي دعوت ڏني. اسپيڪر چيو ته پا??ستاني عوام هميشه مختلف شعبن ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي. هن پرڏيهه ۾ رهندڙ پا??ستانين کي درپيش چئلينجز کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اسپيڪر چيو ته پا??ستان جي مثبت سُڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ملڪي ميڊيا کي پنهنجي ذميدارين جو احساس ڪندي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. لنڊن جي علائقي هو??سلو جي ميئر ڪونسل افضل ڪياني جي اڳواڻيءَ ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پا??ستانين جي وفد قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پاران شاندار استقبال تي ٿورو مڃيو. وفد جي شرڪت ڪندڙن پرڏيهه ۾ پا??ستاني هاءِ ڪمشنرز سان ويجهن رابطن جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. وفد جي ميمبرن خاص طور تي پرڏيهه ۾ رهندڙ پا??ستانين پرڏيهه ۾ ثقافت جي واڌ ويجهه کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ اڳوڻي ميئر هو??سلو سمعيه چوڌري، ڪونسلر رياض گل، ڪونسلر ودود مشتاق ۽ چوڌري منظور شامل ??ئا.