اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ فلسطين جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ اسرائيل جي هٿان انڌاڌنڌ قتلام جو نشانو بڻجندڙ فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيل جي بربريت ۽ ان جي غيرمتناسب ر??عم?? ۾ هزارين بيگناهه ماڻهن جي شهادت جي مذ??ت ڪري. صد?? فوري جنگبندي ۽ خوراڪ، بجلي ۽ پاڻي کان محروم ماڻهن تائين امداد موڪلڻ جي لاءِ هڪ انساني لنگهه کولڻ جو مطالبو ڪيو. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب صد?? اسلام آباد ۾ فلسطين جي سفير احمد جواد ربيع سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان سدائين فلسطين سان گڏ بيٺل رهندو ۽ رڳو اهو ئي قبول ڪندو جيڪو فلسطينين جي لاءِ قابل قبول هجي. ان موقعي تي صد?? چيو ته گڏيل قومن کي فلسطين ۾ ٿيندڙ ظلمن تي بحث ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ جي لاءِ قرارداد پاس ڪري. هن چيو ته اهڙي طرح جي وحشياڻي قدمن سان نفرت جا وڌيڪ امڪان پيدا ٿين ٿا جنهن سان وڌيڪ جنگيون شروع ٿين ٿيون، او آءِ سي کي فلسطين جي حمايت ۾ ڀرپور آواز اٿارڻ گهرجي. صد?? چيو ته پاڪستاني عوام پاران اسان غزه ۾ ٿيندڙ بربريت، اسرائيل جي غيرمتناسب ر??عم?? ۽ گذريل 30 – 40 سالن کان نسلي فرق جي مذ??ت ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان مذ??ت ڪريون ٿا ته ماڻهن کي بيدرديءَ سان ماريو پيو وڃي، غزه جي اسپتال تي بمباري ڪئي وئي جنهن ۾ 500 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا، اهو سڀ ڪجهه وڌيڪ تلخي پيدا ڪري ٿو. صد?? ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جنگ اصل ۾ ام?? جي ڪنهن به امڪان کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته فلسطيني عوام کي پرامن ٻه رياستي حل حاصل ڪرڻ جي ڪوششن کان روڪڻ جي لاءِ رڪاوٽون پيدا ڪيون پيون وڃن، اهڙيون رڪاوٽون ڪڏهن به قائم ناهن رهنديون، عوام انهن کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيستائين ٻه رياستي حل کي روڪيو ويندو، ماڻهو ر??عم?? ظاهر ڪندا رهندا. فلسطيني سفير هن مشڪل وقت ۾ فلسطين جي سفارتخاني جو دورو ڪرڻ تي صد?? جا ٿورا مڃيا. هن غزه ۾ اسرائيل جي قدمن کي فلسطيني عوام جي نسل ڪشي قرار ڏنو. ان کان اڳ صد?? فلسطيني سفارتخاني ۾ تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ قلمبند ڪيا ۽ فلسطيني عوام ۽ وحشياڻي اسرائيلي حملن ۾ پنهنجون جانيون وڃائيندڙ شهيدن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.