اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پ??ڏي??ي وزير جلي?? عباس جيلاني ڪالهه اربع ڏينهن جده ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي هنگامي وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. پ??ڏي??ي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهو اجلاس پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي گهرايو هو جنهن ۾ غزه جي بحران ۽ اتي محصور شهرين جي انساني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پنهنجي بيان ۾ نگران پ??ڏي??ي وزير غزه تي اسرائيلي جارحيت ۽ غيرانساني ناڪابندي جي شديد مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ فوتگيون، تباهي ۽ ماڻهو بي گهر ٿي رهيا آهن. ه?? گذريل ڏينهن غزه جي هڪ اسپتال تي اسرائيلي حملي ۾ بيگناهه شهرين جي قتلام جي مذمت ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسرائيلي قابض فوج عالمي انساني حقن جي قانونن جي واضح خلاف ور??ي ڪري رهي آهي ۽ ان جو طاقت جو انڌاڌنڌ ۽ غيرمتناسب استعمال جنگي ڏوهه ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن جي برابر آهي. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها اسرائيل کان ان ڏوهه جو پُڇاڻو ڪري. نگران پ??ڏي??ي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسرائيل کي فوري طور تي جنگ بندي، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ فلسطينين کي انهنجي گهرن مان زوري ڪڍڻ واري دهشتگردي جي مهم جو فوري خاتمو ڪرڻ گهرجي. هن غزه ۾ تيز رفتار، محفوظ ۽ غيرمحدود انساني ۽ امدادي سامان جي فراهمي جي لاءِ انساني همدرديءَ جي لنگهن جي فوري ضرورت تي پڻ زور ڏنو. نگران پ??ڏي??ي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تازي ??ڪر??ر جو بنيادي سبب ٻه رياستي حل تي عملدرآمد نه ٿيڻ آهي. هن فلسطيني عوام ۽ انهن جي خودمختياري جي حق جي لاءِ پاڪستان جي يڪجهتي ۽ حمايت جو ور??اءُ ڪيو. هن جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي ۽ القدس الشريف کي ان جو گادي وارو شهر قرار ڏيندي فلسطين جي هڪ قابل عمل، محفوظ، لڳولڳ ۽ خودمختيار رياست جي جلد قيام تي زور ڏنو. ان موقعي تي نگران پ??ڏي??ي وزير گيمبيا، ايران، ڪويت، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پ??ڏي??ي وزيرن سان پڻ ملاقاتون ڪيون.