بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پولٽ بيورو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر ۽ سي پي سي جي ڊسپلين انسپيڪشن بابت مرڪزي ڪميشن جي سي??ري??ري لي شي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ، اقتصادي تعاون خاص طور تي سي پيڪ تي ڀرپور طريقي سان ڪم ڪر?? تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پولٽ بيورو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر ۽ سي پي سي جي ڊسيپلين انسپيڪشن بابت مرڪزي ڪميشن جي سي??ري??ري لي شي سان ڪالهه اربع ڏينهن بيجنگ ۾ ملاقات ٿي. نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لي شي کي چين پاران ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي شاندار انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس پولٽ بيورو اسٽينڊنگ ڪميٽي جو ميمبر چونڊج?? تي پڻ مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي اهم معاملن تي بنا مشروط تعاون تي اتفاق ڪي??. ه?? اقتصادي تعاون خاص طور تي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي تعمير تي نئين جوش ۽ جذبي سان ڀرپور ڌيان ڏي?? تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ چين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ڪاٿي کي وڌائڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. انهن شعبن ۾ انفارميشن ۽ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، انفراسٽرڪچر ۽ زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي سان گڏوگڏ صنعتي تعاون ۽ خصوصي اقتصادي زونز جي تعمير شامل آهي. نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ لي شي ڪرپشن جي خاتمي ۽ مالي نظم ۽ ضبط تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگر??ن وزيراعظم لي شي کي پاڪستان حڪومت جي شفافيت ۽ حصيداري گور??نس جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ چين جي ان حوالي سان تجربن مان فائدو کڻڻ دلچسپي جو اظهار ڪيو.