اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي)مشهور فنڪار، فلم پروڊيوسر ۽ هدايتڪار جمال شاهه نگران حڪومت ۾ وفا??ي وزير طور حلف کڻڻ کانپوءِ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت جو دورو ڪيو ۽ پنهنجي عهدي جي ??ارج سنڀالي. قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفا??ي وزير ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ وزارت جي سيڪريٽر?? فارينه مظهر ۽ قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن جي ٻين آفيسرن سان ملاقات ڪئي. وفاقي سيڪريٽري وفا??ي وزير جمال شاهه کي تعارفي بريفنگ ڏني ۽ کيس هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن جي ??م جي باري ۾ آگاهه ڪيو. آفيسرن کي خطاب ۾ وفا??ي وزير چيو ته هو ملڪ ۾ ثقافت ۽ فنڪار برادري جي بهتري ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪندو. جمال شاهه چيو ته هن ان عهدي کي هڪ چئلينج ط??ر قبول ڪيو آهي ۽ هو پنهنجون ذميواريون پوري محنت ۽ شوق سان نڀائيندو.