ا??لا?? آباد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مون اڄ جمعي ڏينهن پاڪستان جي اٺين ني??ڪل??ئر پاور پلانٽ جي پيڙهه جو پٿر رکيو ۽ ??هو چشما تي ٺهندڙ پنجون يونٽ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ??هو 1200 ميگاواٽ جو منصوبو پنهنجي پڄاڻي تي قومي گرڊ کي صاف ۽ سستي بجلي فراهم ڪندو. هن چيو ته ملڪ جي توانائي جي وڌندڙ ضرورتن جي ڏس ۾ حڪومت پنهنجو ڌيان متنوع انرجي مڪس تي ڏئي رهي آهي ۽ ني??ڪل??ئر پاور اسان جي ڊگهي مدي واري انرجي سيڪيورٽي حڪمت عملي جو حصو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان هر شعبي ۾ ترقي جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل مدد تي چين جا ٿورائتا آهيون. ٻين شعبن وانگر جديد ني??ڪل??ئر پاور پلانٽس قائم ڪرڻ ۾ چين جو تعاون اهم آهي.