اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نصاب ڪنهن به تعليمي انفراسٽرڪچر ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حي??يت رکي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۽ ڪمپيوٽر ڪوڊنگ کي پنهنجي قومي نصاب ۾ شامل ڪري، اسان پنهنجي ايندڙ نسل جي لاءِ پنهنجي حقن ۽ ذميوارين کي چڱي طرح سان ڄاڻڻ جو بنياد رکيو آهي. هن چيو ته ا??ان جو تصور اهو آهي ته جڏهن اسان جا ٻار هن ملڪ جون واڳون سنڀاليندا ته اهي آئين سان گڏوگڏ انفارميش?? ٽيڪنالاجي جي علم کان ب?? چڱي ريت واقف هوندا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سلمان صوفي جي سربراهي ۾ اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ تعليم واري وزارت سان گڏجي انهن ??ڌا??ن جي قيادت ڪئي آهي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته ا??ان پنهنجي حڪومت جي مدي جي مختصر عرصي ۾ بامعنيٰ تعليمي ??ڌا??ن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهون.