اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ٿر، سنڌ ۾ هندو شهري کي هراسان ڪرڻ جي واقعي جي ذميوار شخص عبدالسلام ابو دائود کي سنڌ پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٿر ۾ هندو شهري کي هراسان ڪرڻ جي واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي گهرو وزارت جي سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي قانوني ڪ??رروائي جي هدايت ڪئي هئي. ايوان ??در جي پريس ونگ مان ??اري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اهڙا واقعا ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجي سگهن ٿا، اقليتن سان ??يادتي اسلام جي روح جي منافي، آئين پاڪستان ??ي سنگين خلاف ورزي آهي، هن چيو ته آئين پاڪستان ??قليتن ج?? حقن، مذهبي آزادي جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو، اقليتن کي سمورا حق حاصل آهن، رياست انهن ج?? تحفظ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته اهڙن واقعن ج?? روڪٿام مع??شري جي سمورن ماڻهن ج?? گڏيل ذميداري آهي.