اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪ??ي وزير فرخ حبيب سان چين جي سفير نونگ رونگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻه طرفي ت??اون سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات جي دوران چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سفارتي ل??ڳاپن جا 70 سال مڪمل ٿيڻ تي ٻنهي شخصيتن ۾ مبارڪباد جي مٽاسٽا ٿي، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪ??ي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان ۽ چين جا گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي سدائين مشڪل وقتن ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيندو آهي، شاهراه قراقرم اسان جي مضبوط دوستاڻي ل??ڳاپن جو ثبوت آهي، پاڪستان جي عوام جي پاڪ چين دوستي بابت بهترين خيال رک?? ٿي ۽ ان دوستي کي اعليٰ سطح تي برقرار رک??و آهي.