??سل??م آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 752 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9 مريض سڄ?? ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس سبب ف??ت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ-19 جا 33 هزار 865 جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 13 هزار 787، پنجاب ۾ 11 هزار 928، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 395، ??سل??م آباد 3 هزار 80، بلوچستان هڪ هزار 574، گلگت بلتسان ۾ 442 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 659 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄ?? ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو ت??داد 2 لک 91 هزار 683 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄ?? ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي 106 ڪورونا جا مريض آهن، سڄ?? ملڪ ۾ ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو ت??داد 6 هزار 295 آهي.