اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وز??را??ظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ ??يخ چيو آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ نمايان گهٽتائي حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته حڪومت کي شروع ۾ ئي پرڏيهي ناڻي جي گهٽ ذخيرن جو مسئلو درپيش هو، آمدني واپار تي پرڏيهي ناڻي جو ڪاٿو روانگي واپار کان ٻيڻ کان به وڌيڪ هو، ان جي ڪري ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب جي لڳ ڀڳ پهچي ويو هو، حڪومت ان ڏس ۾ ٺوس قدم کنيا، روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪيو?? ويون، حڪومت جي ڪوششن سان ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر مان گهٽ ٿي 3 ارب ڊالر جي سطح تي آند?? ويو، اها هڪ وڏي ڪاميابي آهي.