اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي جدت تي ٻڌل انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جديد انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي جو سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ ۾ اهم ڪردار آهي، چوٿين صنعتي انقلاب انٽرن??ٽ، ورچوئل ريئلٽي ۽ مصنوعي ذهانت سان زند??ي جو انداز بدلجي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سامونڊي معاملن واري وزارت جي ويب سائيٽ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.