اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال پاڪستان لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، پوري قوم متحد ٿي ان وبا جي خلاف جنگ کٽيندي، ان حوالي سان قوم جي هر ماڻهو کي ذميداراڻو ڪردار ادا ڪرڻو پ??ند??، جيترو وڌيڪ احتياط ڪيو ويندو نقصان اوترو گهٽ ٿيندو ۽ لاڪ ڊائون سبب سڀ کان وڌيڪ معاشري جا غريب ۽ ڪمزور طبقا متاثر ٿيا آهن، رليف فنڊ مان حاص?? ٿيندڙ سموري رقم انهن جي ??مد??د تي خرچ ڪئي ويندي، امير ۽ سرندي وارو طبقو ان مشڪل وقت ۾ اڳتي اچي، احساس پروگرام ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو ۽ شفاف پروگرام آهي جنهن جي فنڊز جو مڪمل رڪار?? موجود آهي هاڻي اسان کي سمارٽ لاڪ ڊائون ڪرڻو پ??ند??، ننڍن دڪانن، ڪاروبار ۽ تعميرات کي کولڻو پ??ند??، تعميرات جو شعبو ٻين صنعتن لاءِ به محرڪ جو ڪردار ادا ڪندو جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، هن وقت دنيا کي هڪ وڏو بحران درپيش آهي تنهن ه??ند?? به مون کي يقين آهي ته ان کانپوءِ پاڪستان وڌيڪ مضبوط ملڪ طور اڀرندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا رليف فنڊ جي حوالي سان ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي احساس ٽيلي ٿون ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملڪ جي مختلف چينلز سان لاڳاپيل اينڪرز به ٽيلي ٿون ۾ شريڪ هئا.