پشاور – 10 اپريل (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان خيبرپختونخوا جي گورنر، وڏي وز??ر ۽ لاڳاپيل وز??رن کي صوبي جي متاثر علائقن جو پاڻ دورو ڪرڻ ۽ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ??ورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ لاءِ سمورن صوبن جي ڀرپور مدد ڪري رهي آهي ۽ اهو تعاون جاري رهندو، موجوده صورتحال ۾ حڪومت جو ڌيان وبا تي ضابطو آڻڻ سان گڏوگڏ ڪمزور ۽ لاچار طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ تي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪ?? جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وز??ر اسد عمر، مملڪتي وز??ر شهريار آفري??ي، خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وز??ر محمود خان ۽ صحت وارو صوبائي وز??ر موجود هئا. ان موقعي تي خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽري ڪورونا وبا جي ڏس ۾ حڪومت جي قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخوا صوبي جي 6 ضلعن ۾ ڪورونا وائر?? جي وبا ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏٺي وئي آهي.