اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظ?? جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽ?? فردوس عاشق اعواڻ ??يو آهي ته هر مسلمان عورت جو رول ماڊل حضرت فاطمه الزهرا رضه جي سيرت طيبه ۽ امهات المومنين جهڙيون جليل القدر هستيون آهن، اسلامي تاريخ جا اهي روشن ڪردار اسان جي لاءِ مشعل راهه آ??ن، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ موجوده حڪومت عورتن جي هر قس?? جي استحصال جي خلاف آهي ۽ ان جي آئيني، قانوني، سياسي، سماجي ۽ معاشي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، خاتون جي عزت ۽ وقار ان جي سڀ ڪجهه آ??ي، ميڊيا يا ڪنهن به فورم تي عورتن جي توهين ۽ تذليل ناقابل قبول رويو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪيو.