اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ مصالحت جي لاءِ پرعزم آهي، افغان مسئلي جو ڪو فوجي حل نه آهي، پيغمبر اسلا?? حضرت محمد صه جي تعليم تي عمل ڪندي پاڪستان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي.