استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ دستياب پرڪشش موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي دعوت ??ين??ي ??يو آهي ته ملڪ ۾ خاص طور ??ي قابل تجديد توانائي، دفاعي پيداوار، شمسي توانائي سميت مختلف شعبن ۾ ترڪ سيڙپڪارن جي آجيان ڪنداسين، واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻي رهيا آهيون جڏهن ته ترڪيه سان ٽن سالن ۾ گڏيل واپاري ڪاٿي کي 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار هتي پاڪستان ترڪيه بزنس ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ??يو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپار، دفاعي پيداوار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون مضبوط ڪرڻ تي اڳڀرائي ٿي آهي، پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو ته استنبول ۾ پاڪستان ترڪيه بزنس ڪائونسل جي اجلاس سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ واپار کي فروغ ملندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن، ماضي ۾ ترڪيه جي ڪجهه ڪمپنين جي لاءِ پاڪستان ۾ مشڪلاتون رهيون، ترڪيه جي سيڙپڪارن جي مسئلن جو ازالو ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، ترڪيه جي سيڙپڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم گذريل ڏينهن ۾ ترڪيه ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪندي ??يو ته ترڪيه پاڪستان وانگر دهشتگردي جو نشانو بڻجندو رهيو آهي. هن استنبول دهشتگردي ۾ انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ ??فس??س جو اظهار ڪيو. هن ??يو ته دهشتگردي کي هارائڻ جي لاءِ معاشري جي هر طبقي قربانيون ڏنيون آهن، دهشتگرد انسانيت جي درجي کان هيٺ ڪريل ماڻهو آهن. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۾ تازي ??فس??سناڪ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو ذڪر ڪندي ??يو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ساڍا ٽي ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا جڏهن ته ان سان هڪ هزار 700 ماڻهو فوت ٿيا. هن پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا ۽ ??يو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا بي پناهه امڪان آهن، واپاري ڪاٿي ۾ اضافو ڪرڻ جي لاءِ ترڪيه سان معاهدو طئي ٿي ويو آهي، ترڪيه سان ٽن سالن ۾ واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين وڌائينداسين. وزيراعظم ??يو ته گهڻ رخي رابطن ۾ وڌيڪ اضافي ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا تمام گهڻا موقعا ۽ بي پناهه امڪان موجود آهن، اسان پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، اسان ترڪيءَ سان واپار ۾ اضافي جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون آهن. هن ??يو ته ماضي ۾ ترڪيه ڪمپنين جي لاءِ ڪجهه مشڪلاتون رهيون آهن، ترڪ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جا مسئلا ختم ڪرڻ ۽ انهن جي لاءِ آساني پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻايو ويندو. هن ??يو ته مختلف شعبن خاص طور ??ي قابل تجديد توانائي، دفاعي پيداوار ۽ شمسي توانائي ۾ ترڪ سيڙپڪارن جي آجيان ڪنداسين، ان ڏس ۾ پاڪستان جي حڪومت ڀرپور ??عاون فراهم ڪندي. هن ??يو ته ترڪيه ۾ دهشتگردي جي تازي ڪارروائي مذمت جوڳي آهي جنهن ۾ قيمتي جانين جي زيان تي اسان کي انتهائي ڏک آهي. ان موقعي تي واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ پاڪستاني وفد ۾ شامل ٻيا عملدار پڻ موجود هئا.