اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن ارشد شريف جي ڪي??يا ۾ افسوسناڪ موت تي ارشد شريف جي ماءُ ۽ پاڪستان ۾ ڪي??يا جي س??ير کي ٽيليفون ڪئي، ارشد شريف جي ماءُ سان تعزيت جو اظهار ڪندي هن چيو ته پاڪستان حڪومت ارشد شريف جي موت جي حوالي سان ڪي??يا جي حڪومت ۽ لاڳاپيل عملدارن سان رابطي ۾ آهي. هن ارشد شريف جي ماءُ کي س??دس پٽ جي موت تي هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ملندڙ معلومات کان آگاهه ڪيو۔ هن چيو ته ارشد شريف جي موت تي تمام گهڻو ڏک آهي. گهروارن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهيان. ارشد شريف جي موت جي سببن جي خبر جي ڪوشش ڪري رهيا آ??يون. هن چيو ته ڪي??يا جي حڪومت سرڪاري طور تي ارشد شريف جي موت بابت هيستائين ڪجهه ناهي ٻڌايو، جيئن ئي ڪي??يا جي حڪومت اسان کي آگاهه ڪندي، اسان تفصيلن کان ارشد شريف جي گهروارن ۽ عوام کي آگاهه ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ڪي??يا جي حڪومت ۽ لاڳاپيل عملدارن سان رابطي ۾ آهي. هن چيو ته پاڪستاني ميڊيا تي ارشد شريف بابت جاري قياس آرائيون افسوسناڪ آهن. ڪي??يا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر پوليس وارن سان رابطي ۾ آهي، ان کانسواءِ پاڪستان ۾ ڪي??يا جي س??ير س??ن به رابطو ٿيو آهي، جنهن مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. پاڪستان ۾ ڪي??يا جو سفير پنهنجي حڪومت کان معلومات وٺي اسان کي آگاهه ڪندو. گهرو وزارت ڪي??يا جي س??ڪيورٽي ايجنسين سان رابطي ۾ آهي. حقيقتون عوام آڏو آڻينداسين. هن چيو ته تصديق ٿيل حقيقتون سامهون اچڻ تائين قياس آرائين کان پاسو ڪ??و وڃي. ارشد شريف جي موت جي حوالي سان سمورين حقيقتن تائين پهچنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ گهروارن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.