اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث بخش پاشا چيو آهي ته ملينيم ڊول??مي??ٽ گولز ۾ صحت، تعليم، هنرمندي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، پاڻي جي نيڪالي اهم موضوع آهن، اس??ن کي پنهنجي نوجوانن کي بهتر تعليم ۽ هنر سيکارڻو پوندو، ترقي جا ثمر غريب طبقي تائين نه پهچائڻ ب??قسمتي آهي، اس??ن کي زراعت ۽ ڳوٺاڻن علائقن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو. بين الپارلياماني يونين جي سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان جي آبادي جو 65 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي، اس??ن کي پنهنجي نوجوانن جي لاءِ روزگار جي موقعن ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، نجي شعبي سميت هر شعبي کي ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، انساني وسيلن تي سيڙپڪاري اس??ن جي اولين ترجيح هجڻ گه??جي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هن وقت اس??ن ٻوڏ سان سڀ کان وڏي پئماني تي تباهي جو شڪار آهيون، 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو ان کان متاثر آهن، لکين ايڪڙ تي بيٺل فصلون تباهه ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته هن وقت ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ 6 لک کان وڌيڪ عورتون حاملا آهن جن مان 75 هزار وٽ هن ئي مهيني ٻار جي پيدائش متوقع آهي، ان جي لاءِ طبي سهولتون گه??بل آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ آواز بڻجڻ جي ضرورت آهي، بدقسمتي سان ترقي جا ثمر غريب طبقي تائين نه پهچي سگها، ايشيائي خطي جو ٽيون حصو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي، اڄ هڪ سٺو موقعو آهي ته غربت جي خاتمي لاءِ قدم کنيا وڃن، ايشيائي خطي ۾ 70ع جي ڏهاڪي ۾ غيرمعمولي ترقي ٿي.