اسلام آباد – 24 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي حادثن ۽ قدرتي آفتن جي م??اث??ين کي شروعاتي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي قابل تربيت يافته انساني وسيلن جي کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته صحت سان لاڳاپيل ادارا ۽ لاڳاپيل ڌريون بوائي اسڪائوٽس ۽ گرلز گائيڊز کي ايمرجنسي خدمتن جي ??ظا?? ۾ شامل ڪرڻ تي غور ڪن، ٺوس تربيت جي فراهمي کانپوءِ بوائي اسڪائوٽس ۽ گرلز گائيڊز جي مدد سان ??ڄي ملڪ جي م??اث??ين کي وقت سر شروعاتي طبي امداد فراهم ڪري سگهجي ٿي. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي سينيٽ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر چيو ته نفسياتي صحت جي سارسنڀال جي موجوده سهولتن کي هنگامي بنيادن تي مضبوط ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ۾ دماغي مرضن جي شرح 24 سيڪڙو آهي جڏهن ته ان ??عبي ۾ رڳو 2 هزار ماهر آهن، بدقسمتي سان نفسياتي بيمارين ۾ ورتل ماڻهو تشدد ۽ نامناسب روين جو شڪار ٿين ٿا، نفسياتي مريض انتهائي صورتن ۾ خودڪشي ڪري ڇڏين ٿا يا پنهنجي پيارن کي زخمي به ڪري ڇڏين ٿا. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته گلگت بلتستان ۾ خودڪشي جي واقعن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، علائقي جي ماڻهن کي درپيش ذهني صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻ، سنگين رويي جي اصل سبب جي نشاندهي ڪرڻ جي لاءِ هڪ موثر ??ظا?? قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ??لڪ ۾ اٽڪل 7 لک نرسن جي کوٽ آهي، نرسن جي کوٽ سان ??رڪاري ۽ نجي صحت جو شعبو دٻاءُ جو شڪار آهي، پاڪستان کي نرسن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي تياري جي لاءِ ٻه سالا اعليٰ معيار جي تربيتي ڪورسز جي شروعات ڪرڻ گهرجي. صدر پاڪستان ۾ نفسياتي صحت جي سارسنڀال جو بنيادي ڍانچو قائم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته انتهائي اهم قومي مسئلي جي حل لاءِ لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان ٽن مهينن ۾ ايڪشن پلان ??يار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ??رائيويٽ هيلٿ ڪيئر ادارا به نرسن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي تربيت جي لاءِ سهولتون پيدا ڪن، هيلٿ سروسز اڪيڊمي پنهنجي کاتن کي شفاف، تصديق جوڳو ۽ اعتبار جوڳو رکڻ جي لاءِ هڪ خصوصي ??ظا?? ٺاهي، شفاف کاتن جي ??ظا?? سان ڊونرز کان ??مداد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته نفسياتي صحت بابت مشاورت جي خواهشمند ماڻهن جي لاءِ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل موبائيل ايپ ۽ ويب تي ٻڌل هيلپ لائين شروع ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??ارڪيٽ جي طلب پوري ڪرڻ جي لاءِ يونيورسٽين/ ادارن کي مختلف شعبن ۾ ٻن سالن جا ايسوسيئيٽ ڊگري ڪورسز پڻ پيش ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته گريجوئيٽس جي انگ ۾ اضافي، نوجوانن جي تعليمي ??ظا?? ۾ بهتر شموليت جي لاءِ يونيورسٽيون آن لائين ۽ هائبرڊ ذريعي تعليم جي مدد سان ڪورسز ڪرائين.