اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي جي تقريبن جي سلسلي ۾ يونيورسٽي مضمون ن??يسي جي مقابلن جو اهتمام ڪيو ويو آ??ي. ??هي مقابلا پلاننگ ڪميشن واري وزارت ج?? تعاون سان ڪرايا پيا وڃن. ايڇ اي سي عملدارن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ سڀني يونيورسٽين کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، مضمون ن??يسي جا اهي مقابلا اردو ۽ انگريزي زبان ۾ ٿيندا جنهن ج?? لاءِ عنوان پاڪستان جي ترقي جو سفر (1947ع کان 2022ع) تائين ترقي پذير ملڪن جو تقابلي جائزو ۽ 2047ع ??و پاڪستان نئين نسل جي امنگ رکيو ويو آهي. مقابلي ج?? لاءِ پهريون انعام 5 لک رپيا، ٻيو 3 لک رپيا، ٽيون 2 لک رپيا ۽ چوٿون انعام هڪ لک رپيا رکيو ويو آهي. مضمون 2500 کان 3000 هزار لفظن تائين آسان زبان ۾ هجڻ گهرجي.