سيالڪوٽ – 03 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد عارف چيو آهي ته سيد علي گيلاني، ياسين ملڪ ۽ عبدالغني بٽ سميت سمورن حريت اڳواڻن جي ??وششن کي سلام پيش ڪريون ٿا، جن ڪيترن ئي لاهن چاڙهن جي با??جو?? ڪشمير جي مسئلي کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو. اي پي پي سان ڳالهائي??دي هن چيو ته اسان ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي قدم جي ??رپور مذمت ڪريون ٿا، جنهن تحت ڀارت ڪشميرين جا حق غصب ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي. حاجي محمد عارف جو چوڻ هو ته ڀارت گذريل 74 سالن کان مظلوم ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي، جنهن تي عالمي برادري جي خاموشي سمجهه کان مٿي آهي. هن چيو ته انساني حقن جي عالمي تنظيمن کي گهرجي ته اهي ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن ۽ زيادتين جو نوٽيس وٺي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت ڪشميرين تي ظلم ڪري قبضي جي ??وشش ۾ نه ا?? ۾ ??امياب ٿيو آهي ۽ نه مستقبل ۾ ڪامياب ٿيندو ڇو ته ڪشميري پنهنجي خودمختياري جي حق جي جنگ کٽي رهيا آهن. برهان واني ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۾ هڪ نئين روح ڦوڪي ڇڏي آهي جنهن سان ڪشميري جلد آزادي جي نعمت سان همڪنار ٿيندا.