اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزير اعظم شهباز شريف اڱاري تي آرمي چيف جنرل قمرجاويد باجوا کي ٽيليفون ڪئي ۽ آرمي ايوي ايشن جي گم ٿيڻ واري هيلي ڪاپٽر بابت تازي معلومات حاصل ڪئي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان بابت وزي??اع??م 12 ڪور جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي سميت آرمي جي 6 آفيسرن ۽ جوانن جي سلامتي بابت پنهنجي ڳڻتي ۽ فڪر جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م چيو ته ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي ه?? بهترين پروفيشنل ۽ نهايت سٺو ماڻهو آهي. دعا آھي ته هيلي ڪاپٽر ۾ سوار سڀ ماڻهو محفوظ هجن. وزي??اع??م قوم کي اپيل ڪئي ته وطن جي ان بهادر پٽن جي حفاظت جي لاءِ دعا ڪن. سڄي قوم ان حادثي تي ڏک ۾ آهي. وزي??اع??م خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ وارا اهي فرض شناس پُٽ خدمت جي اعليٰ مثال بڻجي سامهون آيا آهن. اهو آهي پنهنجي ڀائرن ڀينرن، ٻارن جي خدمت جو اهو عظيم جذبو جيڪو پاڪستان جي حقيقي طاقت ??هي. آرمي چيف گذريل رات کان جاري ڳولا جي ڪارروائين بابت وزي??اع??م کي آگاھ ڪيو.