لاهور – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شه??از شريف چيو آهي ته ملڪ شديد ترين معاشي خطرن ۾ گهيريل آهي، اسان کي مشڪلاتن جو اندازو آهي ان تي ضابطو آڻڻ حڪومت ۽ ان جي اتحادين جي گڏيل ذميواري آهي. وزيراعظم محمد شه??از شريف عيد جي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ جاتي امراء ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته گڏجي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته گذريل پوڻا چار سال ۾ اسان کي انتقام جو نشانو بڻايو ويو، شاهد خاقان عباسي، راڻا ثناءُ ال??ه، سعد رفيق، مفتاح اسماعيل، مريم نواز، حمزه شه??از انتقام جو نشانو بڻجندا رهيا، آئون انهن سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ال??ه جي آڏو دعا آهي ته هي عيد ترقي ۽ خوشحالي جو پيغام کڻي اچي، مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اسان کي ال??ه جي رضا سان گڏ سخت محنت ڪرڻي پوندي. شه??از شريف چيو ته ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو ويو آهي جلد ئي قوم کي خطاب ڪندس. وزيراعظم شه??از شريف چيو ته اڄ گلا ڪرڻ جو نه پر ڳلي لڳائڻ جو ڏينه?? آهي. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن قوم جي هڪ دل ٿيڻ ۽ گڏجي مسڪرائڻ جو ڏينه?? آهي. وزيراعظم شه??از شريف سمورن پاڪستانين ۽ عالم اسلام کي عيد جي دلي مبارڪباد پڻ ڏني. وزيراعظم شه??از شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزه شه??از جاتي امراء ۾ عيدالفطر جي نماز ادا ڪئي. وزيراعظم ۽ وڏي وزير پاران عيد جي نماز کانپوءِ ملڪي سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون. شه??از شريف ۽ حمزه شه??از عيد جي نماز کانپوءِ ماڻهن سان گلي مليا ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني.