اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اينڪر پرسن جي گرفتاري ??ابت قياس آرائي شرانگيز پروپيگنڊا مهم جو حصو آهي، شڪ جي بنياد تي پٽيشن داخل ڪندڙن کي ??بوت ڏيڻ گهربا هئا، هي عمران واري وحشي حڪومت نه آ??ي جنهن ۾ صحافين کي ٽارگيٽ ڪيو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اسان جو ٽارگيٽ مهانگائي، بيروزگاري ??و خاتمو ۽ معيشت جي بحالي ۽ ترقي آهي، جمهوري ??ڪومت عوام جي خدمت لاءِ آئي آهي، انتقام وٺڻ لاءِ نه، هن يو ته پي ٽي آءِ جو آئين شڪن، ميڊيا ۽ عوام دشمن ٽولو فيڪ نيوز نيٽ ورڪ بڻجي چڪو آهي، چار سال چينل، ڪالم، پروگرام بند ڪرڻ، صحافين جون پاسراٽيون ٽوڙڻ واري ??ئينو ڏسن، هن چيو ته بي روزگار ٽولي وٽ عوام کي ٻڌائڻ لاءِ ڪجهه نه آهي، آئين شڪن سياسي طور تي زنده رهڻ لاءِ رد عمل جي سياست تي پساهه کڻي رهيا آهن، مريم اورنگزيب چيو ته ڪوڙا ڪوڙ نه ڳالهائين ته پوءِ سياسي طور تي زنده ڪيئن رهن؟.