اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته جنهن تڪ مان رانا ثناءُ الله ٻه ڀيرا وزير رهيو انهي تڪ مان 2018ع ۾ اليڪشن ۾ هڪ پولنگ اسٽيشن مان کٽي نه سگهيو، مخالف ڌر ق ليگ کي وڏ وزارت جي آڇ ڪئي پر ق ل??گ نه آئي، اڄ وري هڪ سرپرائيز اچڻ وارو آه??، مخالف ڌر کي 1000 وولٽيج جو ڪرنٽ لڳندو. مملڪتي وزير فرخ حبيب سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بي اعتمادي رٿ جمع ٿيڻ کان اڳ 7 مارچ تي ڳالهيون نه مڃڻ تي ڌمڪيون ڏنيون وينديون آه??، ڀڳوڙو نواز شريف محب الله سميت ٻين ملڪ دشمنن سان ملندو رهيو آه??، مخالف ڌر ناڪام ٿي چڪي آه??، ان جي راند به ناڪام ٿي چڪي آه??، ٻاهريون طاقتون پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ چاهين ٿيون، پي ٽي آءِ جو تاريخي جلسو هو، موٽر وي ۽ هاءِ ويز پي ٽي آءِ ڪارڪنن سان ڀريل هئا، هن چيو ته اسان چورن جو مقابلو ڪرڻ آيا آه??ون، 63 اي جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيو آه??، هن چيو ته باغي ميمبرن واپسي جي لاءِ رابطا تيز ڪري ڇڏيا آه??، اسيمبلي ميمبر جو هڪ ووٽ، ڪروڙين ووٽرز جي امانت آه??، تڪ جا ماڻهو باغي ماڻهن کي نه ڇڏيندا، اسان اتحادين کي پهرين به گڏ وٺي هليا آه??ون ۽ آئنده به گڏ وٺي هلنداسين، جن ماڻهن جون شيروانيون تيار آه?? ا??ي ضايع ٿيڻ واريون آه??، بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿي چڪي آه??، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شهباز شريف کي لاڙڪاڻي جي روڊن تي زرداري کي گهلڻو هو، هڪ کي نواز شريف کي سلام نه ڪرڻو هو ۽ فضل الرحمان کي عا??م اسلام کي گڏ ڪرڻو هو پر ڪجهه نه ٿي سگهيو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسان ٻاهرين سازشن کي ناڪام بڻايو آه??، اسان جون ڳالهيون حتمي مرحلن ۾ آه??، بي اعتمادي رٿ تي ووٽ واري ڏينهن مخالف ڌر ميمبرن جو تعداد به هڪ سرپرائيز هوندو، خبر ناهي لانگ مارچ شارٽ مارچ ڇو ٿيو، اهي ته پي ٽي آءِ جو جلسو روڪرائڻ آيا هئا، لاهور کان شروع ٿيندڙ مارچ ۾ ڪو ذڪر جوڳو عوامي تعداد هجي ته ٻڌايو وڃي، انهن جا پنهنجا ميمبر اسلام آباد ۾ هئا، هن چيو ته جڏهن پاڪستان ۾ 400 ڊرون حملا ٿيا ته فضل الرحمان ڪٿي هو، نواز، زرداري لکت ۾ ڊرون حملن جي اجازت ڏني، وزيراعظم عمران خان دل سان مسلمان امت جي ترجماني ڪري ٿو، سنڌ هائوس ۾ جيڪا نيلام گهر ۽ منڊي لڳائي وئي، اهي به سڀني جي سامهون آه??، ق ليگ سان پهرين ئي چونڊ اتحاد آه??، اسان اتحاد کان ٻاهر ڪنهن کي وزارت اعليٰ جي آڇ ناهي ڪئي، عثمان بوزدار عمران خان جو دلير ساٿي آه??، جيڪو ان سان گڏ بيٺل آه??.