اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آبپاش?? جي حوالي سان سمورن جاري منصوبن کي ??قرر مدي ۾ مڪ??ل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آبي ذخيرن جي وقت سر تعمير ۽ زرعي زمين کي آبپاشي سان پوکي جوڳو بڻائڻ ملڪي غذائي تحفظ لاءِ انتهائي ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ آبپاش?? جي نظام جي بهتري لاءِ جامع لائحه عمل تي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي صوبن ۾ پاڻ?? جي منصفاڻي ورڇ لاءِ پائيدار ۽ ڊگهي مدي واري نظام، نهري پاڻي کي زرعي زمينن تائين ضايع ٿيڻ کانسواءِ پهچائن لاءِ حڪمت عملي، پاڻي چور?? جي روڪٿام لاءِ موثر نظام ۽ آبپاش?? جي نظام کي ??سيع ڪري غير آباد زمينن کي ??وک?? جي لائق بڻائڻ لاءِ منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ??ڌايو ويو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو موجوده حڪومت دريائي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي منصوبن تي سنجيدگي سان عملدرآمد کي ??قيني بڻائي رهي آهي ۽ ان ڏهاڪي کي ڊيمن جي تعمير جي ڏهاڪي جو نالو ڏنو ويو آهي، ان کانسواءِ پنجاب صوبي ۽ خيبرپختونخوا ۾ پاڻي چور?? جي روڪٿام جي قدمن کي ??قيني بڻايو پيو وڃي، اجلاس کي ??ڌايو ويو ته وزيراعظم جي غذائي تحفظ کي ترجيح ڏيڻ جي ويزن تحت حڪومت ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن پلان تي به عملدرآمد يقيني بڻائي رهي آهي، وزيراعظم سمورن جاري منصوبن کي ??قرر مدي ۾ مڪ??ل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪندي پاڻ?? جي ذخيرن جي منصوبن جي وقت سر تعمير ۽ زرعي زمين کي آبپاشي سان پوکي جوڳي بڻائڻ کي ??لڪي غذائي تحفظ لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، نائب منصوبابندي ڪميشن جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ۽ اعليٰ صوبائي آفيسرن وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ?? شرڪت ڪئي.