اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جماعت اسلامي جي اڳوڻي امير قاضي حسين احمد کي خراج عق??دت پيش ڪندي چيو آهي ته قاضي حسين احمد سياست ۾ استاد آهي ۽ سندس زندگي اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. قاضي حسين احم?? جي ورسي جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته قاضي حسين جي سياسي ۽ سماجي جدوجهد واکاڻ جوڳي آهي. سياست ۾ قاضي حسين احمد منهنجي استا?? جي حيثيت رکي ٿو، قاضي حسين احمد ملڪ ۽ قوم جي لاءِ جيڪي خدمتون پيش ڪيون آهن ان سان ايندڙ نسلن کي آگاهي فراهم ڪرڻ گهرجي، قاضي حسين احم?? جي زندگي جي مشن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جماعت اسلامي هڪ منظم سياسي پارٽي جي طور تي ملڪي سياست ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.