اسلام آباد-30 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي ??زي?? شوڪت ترين چي?? آهي ته مالياتي ضمني بل سان عوام تي بار پوڻ جون ڳالهيون بني بنياد آهن، مهانگائي وڌڻ جا افواهه پکيڙيا پيا وڃن، حڪومت ڪوبه اهڙو قدم نه کني?? آهي جنهن سان غريب ماڻهوءَ تي بار پوي، نوان ٽيڪس نه لڳائي رهيا آ??يون بلڪ بل ۾ 343 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ تي نظرثاني جي تجويز آهي، عام ماڻهوءَ لاءِ صرف 2 ارب رپين جا ٽيڪس ڇوٽ تي نظرثاني جي اپيل آهي. امپورٽ ڪيل شين تي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن جي وڌڻ سان پاڪستان سميت ڪيترائي ملڪ متاثر ٿيا، چاهيون ٿا ته ملڪي ادارن کي مضبوط ۽ خودمختيار بڻايو وڃي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن اطلاعات ۽ نش??يا?? واري مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ناڻي واري ??زي?? چيو ته زرعي دوائون، ڀاڻ ۽ ٽريڪٽر تي سيلز ٽيڪس نه لڳائي رهيا آ??يون، بل ۾ 343 ارب رپين جي ٽيڪس جي ڇوٽ تي نظرثاني جي تجويز آهي جنهن جو مطلب ڪو نئون ٽيڪس ناهي، 70 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ ۾ آرامده ايٽم شامل هئا جڏهن ته عام ماڻهوءَ لاءِ صرف 2 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ تي نظرثاني ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته موجوده حڪومت گذريل اڍائي سالن دوران اسٽيٽ بئنڪ کان ڪوبه قرض نه ??رت??، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اٿارٽي بورڊ آف گورنرز وٽ هوندي. هن چيو ته مهانگائي جي لهر سڄي دنيا ۾ آهي، آمريڪا، برطانيه ۽ يورپي ملڪ به پڻ مهانگائيءَ جي ان لهر مان شديد متاثر ٿيا آ??ن. امپورٽ ڪيل شين تي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن جي وڌڻ سان پاڪستان سميت ڪيترائي ملڪ متاثر ٿيا آ??ن.