اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ٽيڪس جي نظام ۾ بهتري ۽ آساني يقيني بڻائي رهي آهي، ٽيڪس جي رڪارڊ ڪليڪشن عوام جي حڪومت تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? معاشي ماهر آرٿر بيٽز لافر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ??لا??ات ڪئي. ان موقعي تي ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت فياض ترين پڻ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??لا??ات ۾ پاڪستاني ٽيڪس جي نظام جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??. ان کانسواءِ پوري دنيا ۾ لاڳو ٽيڪس نظام جي مثبت ۽ منفي اثرن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئ??. ??لا??ات ۾ پاڪستان ۾ ٽيڪس بيس وڌائڻ، نظام جي بهتري ۽ جدت، عوام تي ٽيڪس جو بار گهٽ ڪ??ڻ سان گڏوگڏ نظام ۾ آساني آڻڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??.