جهلم – 20 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته موسمياتي تبديلي ڪنهن هڪ مل?? جو نه پر پوري دنيا جو مسئلو آ??ي، وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه کان بلين ٽري سونامي پروگرام شروع ڪيو، ليڊر اهو هوندو آ??ي جيڪو اليڪشن جو نه پنهنجي ايندڙ نسل جو سوچيندو آ??ي، وزيراعظم سدائين ماحول جي بهتري ۽ پنهنجي ايندڙ نسل جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي، ماضي ۾ ڪنهن مل?? ۾ ماحول جي بهتري جو سوچيو ئي نه هو، اڄ 25 هزار ايڪڙ زمين تي 20 هزار ٻوٽا لڳايا ويندا، جهلم ۾ ساڍا 10 هزار ايڪڙ زمين ٻيلن لاءِ مخصوص ڪئي آهي، وزيراعظم عمران خان جهلم کان للها ڊبل ڪيرج وي جو تازو ئي پيڙهه جو پٿر رکيو آ??ي، انشاءَ الله ايندڙ سال هتان جي عوام جي سهولت لاءِ ڊبل ڪيرج وي مڪمل ٿي ويندو، جلال پور ڪينال منصوبو تيزي سان جاري آهي، هڪ لک 78 هزار ايڪڙ زمين سيراب ٿيندي، اڄ اسان جي آبادگارن کي پنهنجي فصلن جي پوري قيمت ملي رهي آهي، زرعي معيشت ۾ بهتري آئي آهي، اسان جون صنعتون ترقي ڪري رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هجوالا فاريسٽ ضلعي جهلم ۾ وزيراعظم جي بلين ٽري سونامي پروگرام تحت ميگا پلا??ٽي??ن ڊي جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ بلغاريه جي سفير، ضلعي انتظاميا، ڊپٽي ڪمشنر جهلم، ميڊيا نمائندن، جهلم پريس ڪلب جي عهديدارن، جهلم جي عوام ۽ اسڪولن جي ٻارن شرڪت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ڪڏهن به ماحول جي بهتري جو سوچيو ئي نه ويو ه??، وزيراعظم عمران خان واحد ليڊر آهي جنهن خيبرپختونخواهه مان بلين ٽري سونامي پروگرام شروع ڪي??، وزيراعظم حلف کڻڻ کانپوءِ سڀ کان اڳ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي منصوبي جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ليڊر اهو هوندو آ??ي جيڪو پنهنجي اليڪشن جو نه پر پنهنجي نسل جو سوچيندو آ??ي ۽ وزيراعظم سدائين ماحول جي بهتري ۽ پنهنجي ايندڙ نسل جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته هن وقت موسمياتي تبديلي پوري دنيا جو مسئلو آ??ي، ڪا هڪ قوم يا هڪ مل?? ان کان متاٿر نه آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته اسان پنهنجي نسل کي هڪ بهتر ماحول ڏئي وڃون. هن چيو ته اڄ ڪينسر ۽ ساهه جي بيمارين ۾ اضافي جو وڏو سبب اهو آ??ي ته ماضي ۾ ماحول جي بهتري لاءِ ڪنهن ڪم نه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جهلم ۾ اسان ساڍا 10 هزار ايڪڙ زمين ٻيلن جي لاءِ مخصوص ڪئي آهي، 2018ع ۾ اسان هتي جيڪي ٻوٽا هنيا هئا اڄ اهي وڌي وڏا وڻ بڻجي چڪا آهن، وڻ ۽ ٻوٽا لڳائڻ سان اڄ هتي زمين ۾ پاڻي جو ٺهراءُ پيدا ٿي ويو آ??ي، اڄ 25 هزار ايڪڙ زمين تي 20 هزار وڻ لڳايا ويندا. هن چيو ته اسڪولن جا 6 هزار کان وڌيڪ ٻار هتي اڄ پنهنجو قومي فرض ادا ڪرڻ جي لاءِ موجود آهن جن کي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي.