اسلام آباد – 12 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??ون?? سڌارن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا، بلاول ڀٽو کي لاڙڪاڻي جي گهٽين جي خبر نه آهي، پاڪستان جي سياست جي ڪهڙي خبر هوندي?? مخالف ڌر هڪ ٻئي جو سهارو وٺي بيهڻ جي ڪو??ش ڪري رهي آهي?? مخالف ڌر کي اسان جا ??ون?? سڌارا پسند نه آهن ته پنهنجا کڻي اچن، ان تي ڳالهه ڪري وٺون ٿا، ملڪ ۾ مهانگائي جو بنيادي سبب ڪو??ونا جي ڪري عالمي سطح تي جاري مهانگائي جي لهر آهي، آمريڪا، برطانيا ۽ يورپي يونين جون معيشتون ڪو??ونا جي ڪري سخت دٻاءُ جو شڪار آهن، پاڪستان پنهنجي ڪمزور معيشت جي باوجود وڏي عالمي چئلينج جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو، ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي معيشت تيزي سان وڌي رهي آهي، ڪو?? ڪميٽي جي اجلاس ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال، مهانگائي، بلدياتي ??ون??ن، اليڪٽورل ريفارمز تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪو?? ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ??حافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪو?? ڪميٽي جي اجلاس ۾ مهانگائي جي معاملي تي تفصيلي غور ڪيو ويو، حڪومت مهانگائي جي حوالي سان جيڪي قدم کڻي رهي آهي ان تي پارٽي کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي، ڪو?? ڪميٽي جي اجلاس ۾ انصاف صحت پروگرام، احساس پروگرام ۽ ڪامياب پاڪستان پروگرامن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، انهن پروگرامن ۾ وڏي پئماني تي اضافو ڪيو ويندو ته جيئن عام ماڻهو کي مهانگائي ۾ ريليف ملي سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته مهانگائي جو بنيادي سبب ڪو??ونا جي ڪري عالمي سطح تي جاري لهر آهي، پاڪستان انهن ڪجهه معيشتن ۾ شامل آهي جن ڪو??ونا وبا جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو، برطانيا ۽ يورپي يونين جون معيشتون به ڪو??ونا واب جي ڪري سخت دٻاءُ جو شڪار آهن، ڪو??ونا جي ڪري دنيا کي جيڪو جهٽڪو لڳو آهي، ان مان ٻاهر اچڻ ۾ وقت لڳندو. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪمزور معيشت جي باوجود وڏي عالمي چئلينج جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو، ٻين ملڪن جي ابتڙ پاڪستان جي معيشت تيزي سان وڌي رهي آهي، 1100 ارب رپيا زرعي معيشت ۾ ويا، تعميراتي شعبي ۾ 600 ارب رپين جي سيڙپڪاري ٿي، مزدور، مستري، پلمبر، عام دڪاندارن سميت ڪيترن طبقنج ي آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي، گاڏين، موٽرسائيڪلن ۽ ٽريڪٽرن جي وڪري ۾ چڱو چوکو اضافو ٿيو آهي، آبادگارن گهٽ قيمت تي يوريا ڀاڻ ميسر آهي. هن چيو ته مهانگائي جي ڪري پگهاردار طبقي کي مشڪلاتون درپيش آهن پر اڪثر طبقن جي آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته جيڪي طبقا مهانگائي کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن انهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪو?? ڪميٽي جي اجلاس ۾ مقامي حڪومتن جي ??ون??ن جي حوالي سان معاملن تي پڻ غور ٿيو. خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي ??ون??ن جي حوالي سان عدالتي فيصلي کانپوءِ ??يڪا صورتحال پيدا ٿي آهي ان تي خيبرپختونخواهه حڪومت عدليه کي اپيل ڪئي آهي، اسان عدليه کي اپيل ڪريون ٿا ته اها جلد فيصلو ڪري ته جيئن اسان اڳتي وڌي سگهون. هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪو?? ڪميٽي مختصر نوٽيس تي وزيراعظم عمران خان جي سپريم ڪو??ٽ ۾ پيش ٿيڻ جي قدم کي ساراهيو آهي، ماضي ۾ نواز شريف کي جڏهن سپريم ڪو??ٽ طلب ڪيو هو ته هو جٿو کڻي سپريم ڪو??ٽ پهچي ويو هو، ائينل ڳندو هو ته انهن سپريم ڪو??ٽ تي حملو ڪري ڇڏيو آهي. هنچ يو ته وزيراعظم عمران خان اڌ ڪلاڪ جي نوٽيس تي سپريم ڪو??ٽ پهتو، سپريم ڪو??ٽ جي اميدن موجب جواب ڏنو، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته تحريڪ انصاف عدالتن جو ڪيترو احترام ڪري ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ڪو?? ڪميٽي جي اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال تي پڻ غور ڪيو ويو، اڪانومسٽ جي تازي رپورٽ موجب افغانستان ۾ 2 ڪروڙ 40 لک ماڻهو انتهائي غربت جو شڪار آهن، بک جي ڪري 8 ٻار فوت ٿيا، خوراڪ جي لاءِ ٻارن کي وڪرو ڪرڻ جي وڊيوز سامهون اچي رهيون آهن، اسان چاهيون ٿا ته دنيا خاص طور تي مسلمان ملڪ افغانستان جي صورتحال تي اڳتي اچن. ??ون?? سڌارن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اسان جي خواهش آهي ته 2023ع جي ??ون??ن جي لاءِ ??ون?? سڌارا پارليامينٽ ۾ جلد منظوري جي لاءِ ??چن، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر مخالف ڌر سان رابطي ۾ آهي، اسان ڪو??ش ڪري رهيا آهيون ته ??ون?? سڌارن تي اتفاق راءِ پيدا ٿئي. هن چيو ته اسان اهڙو نظام تجويز ڪرڻ جي ڪو??ش ڪري رهيا آهيون ته ڪير اليڪشن جي نتيجن تي آڱر نه کني سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف واحد سياسي پارٽي آهي جنهن جو ووٽ بئنڪ پوري ملڪ ۾ موجود آهي، وزيراعظم عمران خان وفاق جو ليڊر آهي، خيبر کان ڪراچي ۽ گوادر کان لاهور تائين هر جڳهه سندس ووٽ بئنڪ موجود آهي، اسان صوبائيت ۽ فرقيواريت جي ڳالهه نه ٿا ڪريون، اسان قوميت جي ڳالهه ڪريون ٿا، اسان اها پارٽي آهيون جيڪا وفاق جي مفاد کي سڀ کان مٿانهون رکي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ پاڪستان جي اها سياسي قوت آهي جيڪا رڳو فيڊريشن ۽ پاڪستان جي بقاءَ جي لاءِ ??ڳتي وڌندي، ??ون?? سڌارن جي معاملي تي اسان سڀني کي اڳتي کڻي وڌنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مخالف ڌر وڻ وڻ جي ڪاٺي آهي، نه انهن وٽ ڪو ليڊر آهي، نه ڪو پلان، بلاول ڀٽو کي لاڙڪاڻي جي گهٽين جي خبر نه آهي، کيس پاڪستان جي سياست جي ڪهڙي خبر هوندي، مولانا فضل الرحمان اڳ ۾ به جٿو کڻي اسلام آباد اچي ويو هو، هي هڪ ٻئي جو سهارو وٺي بيهڻ جي ڪو??ش ڪري رهيا آهن، انهن کي طاقت جون گوريون گهرجن جيڪي انهن کي ميسر نه آهن، هي بيهن ٿا ۽ ڪري پون ٿا، هي هڪ ٻئي جي ڪلهن تي هٿ رکي هلڻ جي ڪو??ش ڪري رهيا آهن، جڏهن پير، ڄنگهون ۽ طاقت پنهنجي نه هجي ته ڪير ڪيستائين هلي سگهي ٿو؟ هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سياسي مسئلا هر جڳهه تي هوندا آهن، اتحادي پارٽين وزيراعظم سان ملاقات دوران وزيراعظم جي فيصلن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??ون?? سڌارن تي مڪينزم ٺهي چڪو آهي، اسان رڳو ان تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪو??ش ڪري رهيا آهيون?? مخالف ڌر کي اسان جا اليڪٽورل ريفارمز پسند نه آهن ته اهي پنهنجا کڻي اچن، اسان ان تي بحث ڪرائي وٺنداسين. اليڪشن ڪميشن سان رابطي جي حوالي سان پڇيل سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن سان ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي گذريل هفتي ملاقات ٿي هئي، اي سي پي اهم ادارو آهي اسان ان کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف کانسواءِ ڪهڙي پارٽي آهي جنهن حڪومت ۾ رهندي ??ون?? سڌارن جي ڳالهه ڪئي هجي. هن چيو ته عمران خان ڪرڪيٽ جي اندر نيوٽرل امپائر آندو، هو پاڪستان جي اندر اهڙو نظام آڻڻ چاهي ٿو جنهن ۾ اليڪشن ٿئي ته ڪير آڱر نه کڻي سگهي. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جهڙي طرح کيڏي آهي ان کي ساراهڻ گهرجي، اسان کي پنهنجي ٽيم تي فخر آهي، پوري قوم پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي پٺيان بيٺل آهي.