اسلام آباد – 08 – نومبر (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان جي ڪورونا وائرس جي وبا جي خلاف شاندار حڪمت عملي کي پوري دنيا ساراهيو، انهي حڪمت عملي جي ڪري اڄ اسان جون حالتون دنيا جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀير?? بهتر آهن، سياسي مخالفن جو ڪم مايوسي ۽ ڪ??ڙ پکيڙڻ آهي، تحريڪ انصاف جا ڪارڪن حقيقتون بيان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪنهن جدا سياري تي نه آهي، حقيقت اها آهي ته اڄ پاڪستان جي انڊسٽري بحال ٿي چڪي آهي، ڪنسٽرڪشن سيڪٽر پوري طرح فعال آهي، زرعي معيشت خوشحال آهي ۽ آءِ ٽي ايڪسپورٽس ۾ ٽيڻ تي اضافو ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته مزدور، آبادگار ۽ ا??ڊسٽري سمورن جي آمدنين ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ ا??شاءَ الله 6 کان 8 مهينن ۾ ع??لمي قيمتون به نارمل ٿيڻ شروع ٿي وينديون.